Sunday, September 30, 2012

Story of Religio-Political Party PPP by Wusatullah Khan.



هڪ مذهبي سياسي جماعت جي ڪهاڻي

وسعت الله خان

هونئن ته پاڪستان ۾ تمام گهڻيون ننڍيون وڏيون سياسي جماعتون آهن، پر قومي سطح تي جيڪي جماعتون نمايان آهن، انهن ۾ جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سرفهرست آهن. جميعت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي پاڪستان ٺهڻ کان پهرين وجود ۾ آيون، ۽ انهن جا حامي سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيل آهن. خاص طور تي جماعت اسلامي ته پاڪستان کان علاوه ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ به متحرڪ آهي. انهن جماعتن جا ”نفاذِِ شريعت“ جا نعرا ۽ دعوائون پنهنجي جاءِ تي، پر عملي ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته، انهن مان ڪابه جماعت پ پ جي برابريءَ جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي.

پ پ مذهبي نعرا ڀلي کڻي گهٽ ئي هنيا هجن، پر عملي ڪم سڀني کان گهڻو ڪيو آهي. پ پ جي هميشه ڪوشش اها رهي ته، قومي سطح تي سڀ کان وڌيڪ مذهبي سياسي جماعت هجڻ جي ناتي اها باقي مذهبي سياسي جماعتن کي به انهن جي اوڻائين جي باوجود گڏ وٺي هلي ته جيئن شريعت جي نفاد جي باري ۾ جيڪي به فيصلا ٿين، اهي وسيع تر مفاهمت جي جذبي سان متفقه طور تي ٿين، جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته آئون ڪا ڪاميڊي ڪري رهيو آهيان ته پنهنجي تسليءَ لاءِ  پ پ جي 40 سالن جو رڪارڊ پاڻ ملا خطه فرمايو.
 پ پ جن چئن نعرن جي بنياد تي وجود ۾ آئي، انهن مان پهريون نعرو هو ته اسلام اسان جو دين آهي. توهان ڪنهن ٻي مذهبي سياسي جماعت جو منشور کڻي ڏسو، ڪٿي به توهانکي اهو نعرو سڀ کان مٿي نه ملندو. صرف اهو ئي نه، بلڪه اسلامي سوشلزم جو نظريو به پ پ ڏنو ۽ ان جو ترجمو ”مساوات محمدي“ به پارٽيءَ ئي ڪيو. 1973ع جي آئين کي ان ڪري متفقه مڃيو وڃي ٿو، ڇو ته پ پ حڪومت چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل عالمن جي راءِ جي احترام ۾ 11 آگسٽ 1947ع جي قائد اعظم جي تقرير کي نظر انداز ڪندي نه صرف پاڪستان کي هڪ اسلامي نظرياتي رياست قرار ڏيڻ واري ”قرارداد مقاصد“ کي آئيني دستاويز جو ”مهاڳ“ بڻايو، بلڪه اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو آئيني ادارو قائم ڪيو. جنهن جو مقصد اهو هو ته، ايندڙ ڏهن سالن جي دوران (1983ع تائين) شريعت سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ سمورا قانون مرحليوار تبديل ڪيا وڃن. 1947ع کان 1973ع تائين پاڪستان ۾ اقليتن جي معاملن واري وزارت هوندي هئي، پر اهو اعزاز پ پ جي پهرين حڪومت کي حاصل آهي ته ان مذهبي معاملن جي وزارت قائم ڪئي ۽ اقليتي معاملن کي به ان وزارت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

1974ع ۾ پ پ حڪومت اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن جي توفيق قائد اعظم ۽ لياقت علي خان کان يحيٰ خان تائين پاڪستان جي ڪنهن به فوجي ۽ غير فوجي حڪمران کي نه ٿي سگهي، يعني احمدين کي اقليت قرار ڏيئي شيعه، سني سميت سمورن فرقن جي عالمن ۽ مذهبي سياسي جماعتن جون دليون کٽي ورتيون.1974ع ۾ پ پ عالمِ اسلام کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪئي، ۽ سڄي مسلم دنيا ۾ پاڪستان جي ميزباني ۽ جذبي جي ايتري ساراهه ٿي جو مراڪش کان انڊونيشيا تائين هڪ هڪ مسلمان کي خبر پئجي ويئي ته پاڪستان جي جاگرافي ڇا آهي! تنهنڪري چئن سالن کانپوءِ 1978ع ۾ ڪميونسٽ ملحدن ۽ روسي ايجنٽن خلاف سڄي مسلم دنيا مان جوشيلا نوجوان ڪجهه ڪري ڏيکارن جو جذبو کڻي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويا ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو سلسلو ايترو بابرڪت ٿيندو ويو، جو اڄ انهن نوجوانن جي طفيل مسلم دنيا ته ڇڏيو، غير مسلم دنيا ۾ به پاڪستان جي نالي جو نغارو پيو وڄي.

اپريل 1977ع ۾ جڏهن ڀٽو حڪومت اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن جي مڪمل گهيري ۾ هئي، ۽ پوين پساهن ۾ هئي، تڏهن به شريعت جي ڪم کي پوئتي نه رکيو ويو. ڀُٽي جا مخالف ته ”نظامِ مصطفيٰ“ جو نعرو ئي لڳائيندا رهجي ويا، پر ڀٽو حڪومت ويندي ويندي به آچر جي بدران جمعي جي موڪل ۽ شراب تي پابنديءَ جو اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو، جنهن کي ڪوبه وساري نٿو سگهي. اِهي ئي اُهي قدم هئا، جن مان اتساهه ۽ حوصلو وٺي ضياءُ الحق کي هڪ شاندار اسلامي آئيني ۽ قانوني عمارت جوڙڻ جي همت پيدا ٿي.ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته افغان جهاد جو بنياد جنرل ضياءَ رکيو، پر ماڻهو اهو ڀلجي ٿا وڃن ته، جيڪڏهن ڀٽو حڪومت افغان جهاد شروع ٿيڻ کان 3 سال پهرين (1975ع) سردار دائود جي سيڪيولر حڪومت جي مذهبي سوچ رکڻ وارن مخالفن گلبدين حڪمت يار ۽ برهان الدين رباني وغيره جي پاڪستان ۾ ميزباني نه ڪري ها ۽ عملي سهولتون فراهم نه ڪري ها ته جنرل ضياءُ کي افغان جهاد جو عمل هڪ مختصر وقت ۾ موثر نموني ۽ تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ها.

1988ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو آزمائشن جي بٺيءَ مان گذري اقتدار ۾ آئي ته ان ديني خدمت جو ڪم اڳتي وڌايو، مولانا فضل الرحمان جهڙي جيد عالم ۽ زيرڪ سياستدان کي مخلوط حڪومت جي حمايت تي راضي ڪيو ويو، مولانا کي محترمه جو جذبو ڏسي قائل ٿيڻو پيو ته، اسلام ۾ عورت جي حڪمراني جي گنجائش موجود آهي. پهرين مولانا کي پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پارليامينٽ جي ڪشمير ڪاميٽيءَ جو به نگران بڻايو ويو. محترمه وزير اعظم مٿي تي مستقل رئو ۽ پوتي پائي مُلن جي ان پروپيگنڊه کي به غلط ثابت ڪري ڇڏيو ته، مغربي تعليم يافته ماڻهو پڪا مسلمان ڪونه هوندا آهن. جڏهن محترمه پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ وزير داخلا نصير الله بابر، مولانا فضل الرحمان ۽ سعودي تائيد ۽ حمايت سان افغان طالبان جي سرپرستي شروع ڪئي ته محترمه تي سيڪيولر هجڻ جو الزام لڳائڻ وارا سڪتي ۾ اچي ويا. اهڙي ريت ڪشمير ۾ جهاد جي شروعات به محترمه جي پهرئين دور ۾ ٿي ۽ ٻئي دور ۾ اها جهاد عروج تي پهچي ويئي.  صرف اهو ئي نه، پر ملڪ اندر به ننڍن مذهبي گروپن کي مرڪزي جمهوري ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ به پ پ گهڻي جاکوڙ ڪئي. مثال طور: جڏهن 1993ع وارين چونڊن کانپوءِ  پ پ جي ساٿ ۽ سهڪار سان پنجاب ۾ پهرين منظور وٽو ۽ پوءِ عارف نڪئيءَ جي وڏ وزارت قائم ٿي ته صوبائي مخلوط حڪومت ۾ سپاهه صحابه جا ٻه وزير به شامل ڪيا ويا. انهن قدمن سبب صوبي ۾ مذهبي رواداريءَ جي چڱي موچاري اوسر ٿي ۽ گهڻن جمهوريت پسندن بينظير حڪومت جي فرقيواراڻي فراخدليءَ کي ساراهيو. اهو ڪريڊٽ پڻ محترمه کي وڃي ٿو ته، هن سيڪيولر حلقن جي مطالبن باوجود شاهدي ۽ حدود وارن قانونن سميت ضياءَ جي لاڳو ڪيل ڪنهن شرعي ضابطي ۾ معمولي ڦير ڦار به نه ڪئي، ڇو ته محترمه ڄاتو ٿي ته ضياءَ الحق جي ويڙهه سياسي ۽ ذاتي ٿي سگهي ٿي، مذهبي نه. بعد ۾ حدود  ۽ توهين رسالت جي قانونن جي نفاذ جي طريقيڪار ۾جيڪا به معمولي ڦير ڦار ٿي، ان جو ثواب ۽ عذاب پرويز مشرف ڏانهن وڃي ٿو.

شايد ان لاءِ ئي قدرت انعام طور پ پ کي محترمه جي شهادت کانپوءِ ڇوٿون ڀيرو پاڪستان جي حڪمراني عطا ڪئي. ماڻهو چون ٿا ته موجوده پ پ اصل ۾ نظرياتي پ پ جي ڀيٽ ۾ هڪ بدليل پارٽي آهي. پر ديني خدمتن جي معاملي ۾ اها بدليل پارٽي  به ڪنهن کان پوئتي نه آهي. مولانا فضل الرحمان جي ذات بابرڪت ڊگهي عرصي کان حڪومت ۾ به شامل رهي ۽ پوءِ مخالف ڌر ۾ ويهڻ جي باوجود مولانا ايتري مهرباني ضرور ڪئي جو اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ رکي، ته جيئن پ  پ حڪومت جو قبلو درست رخ ۾ رهي. توهان ڏسو ته جڏهن گورنر سلمان تاثير توهين مذهب جي قانون ۾ ترميم جي گهر ڪئي ته پ پ ان کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو. ايتريقدر جو ان جي قتل تي ڪو واضح موقف اختيار نه ڪري شريعت سان پنهنجي محبت تي حرف اچڻ نه ڏنو. اهڙي ريت پ پ جي برک رڪن شيري رحمان اسيمبليءَ ۾ توهين مذهب جي قانون ۾ ترميم جو خانگي بل پيش ڪيو، ته پارٽيءَ ان جي اهڙي حرڪت کان مڪمل اجنبيت ظاهر ڪئي. جڏهن شيري پنهنجي گستاخيءَ تي ندامت جو اظهار ڪيو ته، کيس ان جو سفارتي انعام ملي ويو. تاريخ ۾ ارڙهين ترميم جي متفقه منظوريءَ ذريعي جناب رضا رباني 1973ع جي آئين ۾ ڪيل سموريون غير جمهوري ترميمون بدلائڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. ايتريقدر جو ضياءَ جي نالي سان گڏ صدر جي عهدي کي به حذف ڪرايو ويو، پر جنرل ضياءَ کان پهرين ۽ ان جي دور ۾ نافذ ڪيل ڪنهن به شرعي قانون کي ارڙهين ترميم جي آڱر سان به نه لوڏيو ويو. تنهنڪري دشمنن جي ڪوشش باوجود موجوده حڪومت کي ان جي نيت جو ڦل پنج سال مڪمل ڪرڻ جي صورت ۾ ملي رهيو آهي.

پ پ جي حڪومت کي تازه ترين اعزاز اهو مليو آهي ته پ پ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو يومِ عشق رسول صه ملهائڻ جي ڪامياب روايت وڌي ويئي، ان موقعي تي جيڪي ڪجهه ٿيو، سو ٿيو، پر مخلوط حڪومت جي هڪ وفاقي وزير شرانگيز فلم ٺاهڻ وارن جي سر جي قيمت هڪ لک ڊالر لڳائيندي اتحاد بين المسلمين جي جذبي کان سرشار ٿي طالبان ۽ القاعده کي به ان خير جي ڪم ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ڪجهه گمراهه کي ماڻهو اها توقع ڪري رهيا هئا ته، ان وزير کي ڪابينا مان ئي نيڪالي ڏني ويندي، پر اڄ به اهو  معزز وزير پنهنجي بيان ۽ قلمدان تي ڄمي بيٺل آهي ۽ ڪوبه راجا ان جو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. هاڻي ته ماشاءَ الله طالبان به وزير موصوف جون اڳيون پويون خطائون معاف ڪري ان سان دشمني ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن کي الله رکي، تنهن کي ڪير چکي.

انهن گذارشن کانپوءِ مونکي اميد آهي ته هاڻي جيڪڏهن ڪنهن حاسد پ پ جهڙي مقبول ۽ ملڪ گير مذهبي سياسي جماعت تي هڪ جديد سيڪيولر جماعت هجڻ جو الزام هنيو ته توهان سڀ پ پ جو ديني جوش ۽ جذبي سان ڀرپور دفاع ضرور ڪندا. هن جماعت 1973ع کان جيڪا ڦلواڙي لڳائي، هاڻ اها الحمد الله هڪ گهاٽو باغ بڻجي ويئي آهي. ان باغ ۾ طرح طرح جا ديسي بديسي ٻوٽا اسري رهيا آهن ۽ انهن جي ڇانوَ، ميوي ۽ خوشبوءَ سان اسلامي جمهوريه پاڪستان سميت سڄي دنيا ڀرپور فائدو وٺي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment